ٿلهه بٿلهي

ٿَلههَ بِٿلهي: هڪ ٻاراڻي راند جيڪا گهڻو ڪري ڇوڪريون يا ڪڏهن ڇوڪرا ڇوڪريون گڏجي به ڪن. ان ۾ ٻار گهٽيءَ ۾ مختلف گهرن جي ٿلهن/ٿلهين تي بيهندا آهن ۽ هڪڙو ٻار آگ ڏيندو ۽ چوندو ”ٿلهه بٿلهي“ ته ٻيا ٻار پڇندا ”ڪهڙي ٿلهي“ پوءِ هو ڪنهن هڪ گهر جو نالو وٺندو ”چاچي فلاڻي“ يا ”ماسي فلاڻيءَ“ واري ٿلهي ۽ ٻار اوڏانهن ڀڄندا ۽ جيڪو ان ٿلهيءَ کي ويجهو ٿيندو، ان کي وري آگ ڏيندڙ هٿ لائڻ جي ڪوشش ڪري کاپائڻ جي ڪندو، جي اهو کاپي ويو ته آگَ ڏيندو.... اها راند گهڻو ڪري رات جي وقت پنهنجي پاڙي ۾ کيڏي ويندي آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو